Pakistan Khaskheli Itehad
Constitution of Pakistan Khaskheli Itehad The Khaskheli tribes living outside Sindh, Balochistan, Punjab, KPK and Islamabad should play their rightful role for the welfare and strength of the country.
History Of Pakistan Khaskheli Itehad
The Pakistan Khaskheli Itehad was established on November 16, 2016, a Wednesday, at the residence of the late retired SP Ali Nawaz Khaskheli in the city of Hala, Matiari District. The gathering saw representation from thousands of respected members of the Khaskheli tribe from various areas of Sindh and Balochistan
پاڪستان خاصخيلي اتحاد جو بنياد
پاڪستان خاصخيلي اتحاد جو بنياد 16 نومبر 2016ع بروز اربع، ضلعي مٽياري جي شهر هالا، رٽائرڊ ايس پي مرحوم علي نواز خاصخيلي جي رهائش تي رکيو ويو ـ
جنهن ۾ پوري سنڌ بلوچستان جي ڪجهه علائقن کان خاصخيلي قبيلي جي معززين ڀائرن ساٿين هزارن جي تعداد ۾
دل جان عشق ۽ پاٻوھ سان ڀرپور نمائندگي پيش ڪئي،
جنهن ۾ مشترڪہ فيصلي ۽ اتفاق راء سان محترم جناب سرائي نياز حسين خاصخيلي صاحب جن کي اتحاد جو سربراہ چونڊيو ويو ۽ سپريم ڪائونسل جو وجود رکيو ۽ ڪجهه سالن کان پوء هڪ عاليشان پروگرام ۾ معززين پاران اتفاق راء سان طئي ڪيو ويو تہ هيڏي وڏي اتحاد جو صدر نہ چيئرمين هجڻ گهرجي جنهن کانپوء صدر مان چيئرمين ۾ تبديل ڪيو ويو جيڪو اڄ بہ بطور چيئرمين ڪم ڪري ٿوـ
ان ڏينهن پروگرام جي اختتام بعد ريلي جي صورت ۾ پوري برادري پنهنجي دلبر چيئرمين سرائي نياز حسين خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ لطيف سرڪار جي نگري ۾ پهتي جتي درگاھ تي چادر چاڙهي اتحاد جي فلاح و بهبود لاء دعائون گهريون ويون
بعد ۾ ڪجهه ڏينهن کانپوء اتحاد جي سربراہ پنهنجي ويجهن ساٿين سان صلاح مشورا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا ـ
جنهن ۾ مرڪزي باڊي جي جوڙ جڪ، سپريم ڪائونسل، ڊويزنون، ضلعا ۽ مختلف ونگس جي انعقاد تي غور ويچار ڪيو ويو جيڪو پايا تڪميل ٿيو،
باقي ڪجهه ضلعا رهيا آهن جنهن تي بہ دوستن جي محنت ذريعي ڪم جاري آهي،
انهن تنظيمي ڍانچن ۾ پوري سنڌ بلوچستان جي معززين، مان مرتبي وارن ساٿين کي عهدا ڏئي عزت سان مالا مال ڪيو ويو،
اتحاد جي سربراہ سرائي صاحب جن جو پهرين ڏينهن کان اهيو چوڻ رهيو آهي تہ اتحاد ۾ اهو ساٿي اڳتي اچي جيڪو پنهنجن پنهنجن علائقن جي قبيلي وارن کي ساڻ کڻي هلڻ ڄاڻي انهن جي ڏک سور ۾ گڏ هجي،