بچو بادشاه جو يوم شهادت سندس جدوجهد۔

بچو بادشاه به پيرحزب الله شاه تخت ڌڻي جي دور ۾ 1860ع خليفي وريام خاصخيلي رلي واري جي گهر ۾ جنم ورتو.(وريام فقير جيل ۾ ئي گُذاري ويو هو ڇاڪاڻ ته هن تي قتل جو الزام هو) هي اُهو دور هو جڏهن هندستان ۾ هلايل جنگ آزادي جا دونهان اڃان دُکي رهيا هُئا. انگريز سرڪار کي ڪٿي به ڪا آزادي جي چڻنگ چمڪندي ٿي محسوس ٿي اُتي سرڪار سخت ڪاروائي ٿي ڪئي. سنڌ ۾ به ڪجهه اهڙي قسم جي صورتحال هُئي. پيرپاڳارن جا تعلقات انگريزن سان بهتر نه هُئا، اُن جو سبب پيرصاحبان جي پنهنجي آزاد پاليسي، جنهن جي ڪري سرڪار جون حُرن سان ناجائزون، پيرصاحبان تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ، حرن خلاف مکيءَ ۾ ڪاروايون شامل آهن.
28 اپريل 1847ع ۾ پيرسيد علي گوهر شاه اصغر سائين سازش تحت زهر وسيلي شهيد ڪيو ويو. سندس جاءِ تي چار سالن جو فرزند حضرت حزب الله شاه عرف تخت ڌڻي (مسند ڌڻي) پڳدار ٿيو، جنهن جي دور ۾ بچو بادشاه جي اڳواڻي ۾ پهرين حر تحريڪ جنم ورتو.پيرصاحب جي گادي نشيني واري دور ۾ ڪجهه اهم واقعه ٿيا. پيرسائين تخت واري تي انگريز سرڪار مختلف وقتن تي مختلف ڪيس داخل ڪيا، جن مان اهم ڪيس پير فضل شاه جهنڊي جي قتل جو ڪيس اهم هو.
به قول محمد عمر چنڊ جي ته، شاباس هُجي جسٽس ڏيارام گدو مل کي جنهن بنا رک رکاءُ جي حڪومت جي مرضي جي خلاف ڪيس تي نوٽ هنيو ڪيس جي اصل حقيقت واضع ڪئي. انگرريز سرڪار جي ناجائز پابندين، پيرصاحب تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ کان علاوه حر جماعت تي پابندين ۽ قيد وبند جي حاضرين کين هٿيار کڻڻ تي مجبور ڪيو.
بچو بادشاه وارن سرڪار خلاف اعلان بغاوت ڪري سانگهڙ ۾ پنهنجي بادشاهي قائم ڪئي، جنهن ۾ هو سرڪار جي ڪا به حد بندي قبول نه ڪيائون. بچو بادشاه جي قيادت ۾ ٻيا جيڪي حُر ساٿي شامل هُئا، سي هي آهن، عيسو ڏاهري، پيربخش وساڻ عرف پيرو وزير، گُلو پُٽ پريو موچي، ڀلو پُٽ گُلو ڳاهو، مصري ڳاهو، عثمان هنڱورو، خميسو وساڻ، سومار ڳاهو، فتلو قاضي هنڱورو،

راڻو وساڻ. انهن فقيرن کي ٻارنهن ٻهروٽيا به سڏيو ويو اُن وقت بچو بادشاه وارن جيڪي ڪاروايون ڪيون، انهن ۾ خيرپور رياست ڇُٽل ڀرڳڙي خلاف ڪاروائي، سرڪاري پوليس عملدار جوالا سنگه جو مارجڻ، سرڪاري پيري مير اُنڙ جو قتل، ديسي دلال سردار وارث ناريجي جو قتل جهڙا اهم واقعه شامل آهن. اڃان اها ڳالهه واضع ه ٿي آهي ته بچو بادشاه پيرصاحبان جي حڪم تي هٿيار کڻي آزادي جو اعلان ڪيو، يا زيا دتين جي نتيجي ۾ ٻارنهن ٻهروٽين جو ٽولو مکي ٻيلي ۾ لهي پيو، ڇاڪاڻ ته انهي تحريڪ متعلق متضاد روايتون ملن ٿيون، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو هڪڙو موقف آهي،ته محمد عمر چنڊ صاحب جو ٻيو موقف آهي ته حرجماعت جي ماڻهن جو وري ٽيون موقف آهي جنهن جو سبب ڪا ڳالهه واضع لکت يا روايتن ۾ نه ملي آهي ته ڪو پيرحزب

الله شاه ڪو پنهنجي فقيرن کي ويڙه ڪرڻ جو حڪم ڏنو هُجي، جهڙي نموني حضرت پير سائين سورهيه بادشاه غازي ڀرتي ڪري اعلان ڪيو هو.
1890ع ۾ پيرسائين مسند ڌڻي (حزب الله شاه صاحب) رحلت فرمائي ويو، اُن جاءِ تي پيرسائين (علي گوهر شاه) محافي ڌڻي پڳدار ٿيو. جنهن پنهنجي حرن کي پيش پوڻ جو حڪم ڏنو جنهن جو وڏو سبب اهو هو ته سرڪار جي جوابي سخت ڪارواين ڪري عام ماڻهو گهڻو پريشان ٿيا، حرجماعت توڙي عام ماڻهن کي سخت تڪليفون برداشت ڪرڻيون پيون. سندن گرفتارين کان علاوه ڳوٺن جا ڳوٺ ساڙيا ويا، سندن مال گم ڪيو ويو. . انهي تحريڪ جو اثر برطانيه سرڪار تي به پيو پر ان جدوجهد جو اثر اسان جي سنڌي سماج تي معاشي، سماجي، ادبي پڻ ٿيو. ان جدوجهد جي نتيجي ۾ سرڪار سان ويڙه ڪري سنڌي ماڻهن (خاص طور حرن کي مالي قرباني پڻ ڏيڻي پئي.) خود ايٽڪن جي رپورٽ مطابق “مکي ايريا ۾ هزارن جي تعداد حرن جو چوپايو مال هو ۽ هو خوشحال هُئا. ۽ اها مکي ڍنڍ ۽ ٻيلو سانگهڙ جي وچ ۾ هُئي.”
بچو بادشاه، عوام دشمن انگريز سرڪار سان ٽڪر کاڌي، اُن جي نتيجي ۾ حرن کي قيد ڪيو ويو، مکي ٻيلي ۾ مال چارڻ تي پابندي وڌي وئي، کين بي گهر ڪري لوڙهن ڏانهن موڪليو ويو، جنهن جي ڪري حرن کي پنهنجي گهرن، چوپاين، کان محروم ٿيڻو پيو. سندن زمينن تي ڌارين کي آباد ڪرڻ جو سرڪار کي موقعو مليو. حرن جون سماجي سرگرميون ختم ٿي ويون، سرڪار طرفان معاشري ۾ منفي پروپيگنڊه ڪئي وئي، سنڌ جي سماج ۾ حرن کي ڌاڙيل ڪرمنل طور پيش ڪيو ويو. بچو بادشاه جنهن مکيءَ ايريا کي مرڪز ٺاهيو هو جيڪا اُن دور ۾ ڏهن کان ٻارنهن ميلن ۾ پکڙيل هُئي. جنهن جي چوڌاري گهاٽو جهنگ هو جنهن کي مکي ٻيلو سڏيو ويندو هو، ڍنڍ کان علاوه انهي ٻيلي جي پکيڙ ڪيترن ئي ميلن ۾ هُئي اها ڍنڍ ۽ ٻيلو حرن لاءِ وڏي پناه گاه هو. موجوده وقت ۾ نه اهو ٻيلو رهيو آهي، نه ئي ڍنڍ ڇاڪاڻ ته ٻيلي واري واري جاءِ تي ريٽائر فوجين جون ڪالونيون چڪن جي صورت ۾ پنهنجو مضبوط وجود رکن ٿيون. جڏهن ته ڍنڍ واري جاءِ تي چوٽياري ڊيم ٺهي ويو آهي، جيڪو مسلسل پاڻي ۽ سم جي شڪل ۾ آباد زمينن کي ڳڙڪائيندو پيو وڃي. حُر جيڪي مکي سانگهڙ ايريا ۾ خوشحال زندگي گُذاري رهيا هُئا، اُتي سرڪاري آفيسرن حُرن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو هو، ۽ جتي به زيادتون وڌنديون آهن اُتي بغاوت ٿيندي آهي. پيرصاحب جي حڪم بعد هنن مجاهدن 1896ع ۾ سرڪار سان مهاڏو اٽڪائي شهادت ماڻي جڏهن ته 07 مئي 1896ع تي بچو بادشاه گرفتاري ڏني جنهن کي ايٽڪن جي رپورٽ موجب 26 نومبر 1896ع تي ڦاسي ڏيئي شهيد ڪيو ويو.
بچو بادشاه واري جدوجهد کي پهرين حر تحريڪ طور لکيو وڃي ٿو، پهرين حرتحريڪ تي ڪجهه مقالا به ڇپيا، تازو پروفيسر مبين وساڻ سنڌي اُردو ۾ به ڪتاب بچو بادشاه پيرو وزير ڪمپائل ڪيو آهي. هن تحريڪ تي پهريون رپورٽون خود انگريز دور جي سرڪاري آفيسرن جون آهن، جيڪي اڄ به موجود آهن جيڪي سرڪاري نقطه نظر کي سامهون آڻين ٿيون. انهن ئي سرڪاري رپورٽن کان پوءِ تحقيق اڳتي وڌي آهي. جيڪڏهن موجوده دور ۾ انهن رپورٽن کان علاوه جيڪي رپورٽون آيون آهن يا مواد ڇپيو آهي اُهو تجزين تي ٻڌل آهن. جيڪڏهن اهي رپورٽون انگريز سرڪار تفصيل سان رڪارڊ تي نه آڻي ها ته شايد اسان گهڻي ڀاڱي اهم تاريخ کان محرو ٿي وڃون ها. پهريون دفعو بچو بادشاه جي ڦاسي چڙهڻ جي تاريخ به اسان کي اي ايڇ ايٽڪن E.H. AITKEN جي ڪمپائل ڪيل سنڌ گزيٽر مان ملي جيڪا 1907ع ۾ پرنٽ ميڊيا تي آيو. جنهن جي صفحي نمبر 447 تي لکيل آهي، Bachu, having lost his best men and his credit, came in and gave himself up. He was convicted and hanged at sanghar on 26th November 1896. هن گزيٽر ۾ نه صرف سنڌ جي تاريخ آهي پر اُن دور ۾ هلندڙ حر گوريله جنگ، سانگهڙ مکي ڍنڍ جي جاگرافي جو احوال پڻ موجود آهي ٻي طرف حرن جي بهادري جا داستان هر طرف ڦهلجڻ لڳا جنهن جي ڪري لوڪ ادب وجود ۾ آيو، مل محمود پلي ۽ شادمان مري جهڙن سگهڙ شاعرن بچو بادشاه واري تحريڪ کي شاعري جي روپ ۾ سماج آڏو آندو. جڏهن ته امر لعل هنڱوراڻي ڪهاڻي لکي “حُر مکيءَ جا” اها ڪهاڻي سنڌي ادب جي شروعاتي ڪهاڻين ۾ لکي وڃي ٿي مان ته ائين به چوندس جيڪڏهن سرڪار کانسواٰ جنهن حر تحريڪ تي پهريون قلم کنيو ته اُهو امر لعل هنڱوراڻي هو. انسائيڪلو پيڊيا آف انڊين لٽريچر ۾ لکيل آهي،

The first experiment in sindhi fiction starts with the publication of short story entitled Hur makhi ja (the Hurs of makhi) Lalchand Amardino mal published in magzine way back in 1902. This story was later include in the compilation of short stories by the same author entitled Hur makhi ja (1914). ( Encyclopedia of Indian Literature)

26 نومبر 1896ع جي صبح هن مرد مجاهد بچو بادشاه کي ڦاسي ڏيئي موجوده سانگهڙ شهر جي ٽائون ڪميٽي ۾ موجوده مسجد جي اُترين ڪنڊ ڀرسان دفنايو ويو. افسوس انگريز سرڪار خلاف بغاوت ڪندڙ اُنهي مجاهد جي مدفن جو ڪو نالو نشان ڪونهي، اتي يادگار جوڙڻ لاءِ

One Response