اڳوڻو ايم اين اي مرحوم پير بخش خاصخيل

اڳوڻو ايم اين اي مرحوم پير بخش خاصخيلي
تاثرات سرور خاصخيلي ٿاڻوبولاخان

انسان هڪ ڏينهن هن جهان ۾ ايندو ئي ٻئي جهان ۾ وڃڻ لا۽ آهي ۔ انسان نيٺ پنهنجي انت تي هڪ ڏينهن پهچي ٿو اهو انت تہ هن دنيا ۾ آيل نبين ولين جو بہ ٿيو پر سندن ڳالهيون اڄ ڏينهن تائين پيون ياد اچن ۽ ڳائجن اهڙي،طرح انسان جيڪو هن دنيا ۾ آيو آھي نيٺ هڪ ڏينهن هي  دنيا فاني ڇڏي وڃي ٿو پر دنيا ۾ جيڪي ڪردار ۽ ڪارناما انسان ڪري وڃي ٿو انهن ڪارنامن ۽ ڪردارن جي بہ هن دنيا ۾ ڪا ڳالھ رهجي وڃي ٿي ائين هن دنيا ۾ ڪيترائي عظيم انسان ڪردار آيا ۽ ڪيترائي هي دنيا ڇڏي هليا ويا پر جيڪي اسان ۽ توهان انسانن جي لا۽ ڌرتي  توڙي ڌرتي واسين جي لا۽ ڪو عظيم ڪردار ادا ڪري هي دنيا جهان ڇڏي هليا وڃن ٿا انهن کي توهان ۽ اسان هن دنيا ۾ رهجي ويل انسان هميشہ لا۽ ياد رکون ٿا انهن عظيم انسانن ۽ ڪردارن مان سنڌ جو هڪ بهترين ۽ ترقي پسند عوامي نمائندو مرحوم پيربخش خاصخيلي بہ هڪ هو مرحوم پاڪستان جي سياست ۽ اٿڻ ويهڻ ۾ اهم مقام رکندو هو دوست  توڙي دشمن سندس ايمانداري شرافت ۽ سادگي جا قائل هئا هر ڪو کيس عزت جي نگاھ سان ڏسندو هو پير بخش خاصخيلي هڪ غير تڪراري ۽ قابل احترام شخصيت جو مالڪ هو سرڪاري عمارتون ٺھرائي رهيو هو

جيڪو ٿاڻوبولاخان لڳ درگاھ حضرت پير باقر شاھ جيلاني جي ڳوٺ گاجي شاھ جا فقير ۾ انگريزن جي دور ۾ پوليس جي جمعدار مرحوم الھ ڏنو خاصخيلي جي گهر ۾ پهرين جنوري 1948 ع ۾ جنم ورتو هي ننڍو ئي هو تہ سندس والد هي جهان ڇڏي ويو ٽن ڀينرن جو اڪيلو ڀاء رهجي ويو هن پرائمري تعليم ٿاڻوبولاخان جي پرائمري اسڪول مان  پاس ڪئي پو۽ هن ها۽ اسڪول ۾ انگريزي پڙھڻ لا۽ داخلا ورتي جنهن اسڪول جي بلڊنگ جو بنياد ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد موئني رکيو هو جنهن بنياد رکڻ وقت چيو هو تہ هن اسڪول جي پهرين  بئنچ ھن علائقي ۾ انقلاب آڻيندي ۔ پيربخش خاصخيلي غربت سبب مزدوري ڪئي ان وقت انگريز ڊرگ هتي پيربخش خاصخيلي ان وٽ منشي رهيو هي مزدوري مان اسڪول جي في ۽ ڪتاب وغيره وٺندو هو ۽ گهر بہ هلائيندو هو انگريز ڊرگ هن جي هوشياري کان ڏاڍو متاثر ٿيو کيس آمريڪا هلڻ جي صلاح ڪئي پر هي گهر ۾ مرد اڪيلو هئڻ سبب وڃي نہ سگهيو هن 1966 ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي هن کي ننڍي لاڪون سياست ڪرڻ جو شوق هو 1972 ع ۾ هن گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد مان انٽر پاس ڪئي ان وقت پ پ تعلقي ٿاڻي بولاخان جو صدر بہ هو اهو شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جو دور هو پير بخش خاصخيلي پير غلام رسول شاھ جيلاني جي حيدرآباد واري بنگلي تي رهندو هو شهيد ڀٽو پير صاحب جو دوست هو اتي ايندو هو پيربخش خاصخيلي شام جي ٽائيم قاضي عبدالمجيد عابد وٽ عبرت ۾ ڪم ڪندو هو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جڏھن پير صاحب وٽ مهمان ٿيندو هو تہ هن جي پيربخش خاصخيلي سان ملاقات ٿيندي هئي ڀٽو صاحب بہ هن جي هوشياري کان متاثر ٿيو کيس هلال پاڪستان ۾ نوڪري ڏني پير بخش خاصخيلي سائين جي ايم سيد جي نظريي کان متاثر هو هتي جڏھن ٿاڻي بولاخان ۾ پ پ جا وزير ايندا ھئا ممتاز ڀٽو وزيراعليٰ  هتي ايندو هو تہ پير بخش خاصخيلي انهن جي اڳيان هتان جي مسئلن تي ڳالهائيندو هو تقريرون ڪندو هو جيڪا ڳالھ هتان جي وڏن ماڻھن نہ وڻندي هئي ان وقت پيربخش خاصخيلي قمر ڪوهستاني سان گڏجي هڪ رسالو سنڌو جي نالي سان  ڪڍيو جنهن ۾ سنڌ جي ڏھسير کي کليل خط لکيو جنهن تان پير بخش خاصخيلي جيل ياترا ڪئي مرحوم ملڪ سڪندر خان کي پير بخش خاصخيلي جي شخصيت متاثر ڪيو هن کي جيل مان آزاد ڪرائي پاڻ سان گڏ کڻي هليو هن کي محمدخان برهماڻي جي سيٽ تي ضلع ڪائونسل دادو جو ميمبر چونڊرايو اهو 1979 ع جو دور هو پو۽ کيس ضلع ڪائونسل دادو جو چيئرمين چونڊرايو پير بخش خاصخيلي رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا ان کان علاوه هن ڪيترائي نيڪي جاڪم ڪيا ايم آر ڊي جو دور آيو تہ پير بخش خاصخيلي چيئرميني تان استيعفيٰ  ڏيئي ڇڏي 1983ع ۾ ملڪ سڪندر خان هي جهان ڇڏيو تہ سندس فرزند ملڪ اسد سڪندر صاحب پيربخش خاصخيلي کي 1985 ع جي غير جماعتي اليڪشن ۾ قومي اسيمبلي تي چونڊرايو پاڻ ايم پي اي چونڊيو ان کانپو۽ هنن جي سياست ۾ لاھ چاڙها آيا وري بہ 1997  ع ملڪ اسد سڪندر صاحب  جي ڪري پيربخش خاصخيلي ٻيو دفعو قومي اسيمبلي جو ميمبر ٿي ويو هي سدائين ملڪ خاندان سان سچو رهيو هن قومي اسيمبلي ۾ ٽوڙي فاٽڪ جي قوم پرستن لا۽ اسيمبلي ۾ ڳالهايو بائيڪاٽ ڪيو هو هن قومي اسيمبلي ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي حمايت ۾ ڳالهايو هو هن سنڌ جي هر اشو تي اسيمبلي ۾ تقريرون ڪيون هن سدائين پنهنجي عوام جا ڪم ڪيا بيروزگارن کي روز گار ڏنو هي پاڻ بہ غريب هو هن بغير ڪنهن ذات پات جي متڀيد کانسوا۽ عوام ۾ اسان کان جدا ٿي ويو جيڪو اسان جي عوام لا۽ ڇپر ڇانء ھو هي هيڏي ڍء ۾ بہ ائين رهيو هن نہ ملڪيت ٺاهي نہ ئي ٻيو ڪجھ هن بس عزت ٺاهي  هئي پنهنجي عوام جي دلين ۾  محبت ٺاهي  هئي ھي رشوت ۽ ٻين سڀني خراب شين کان  پاڪ صاف رهيو پيربخش خاصخيلي جو مڙھ جڏھن پهرين اپريل 2014 ع تي گهران کنيو ويو تہ هزارين ماڻھو ڪلهو ڏيڻ لا۽ اچي گڏ ٿيا هئا هر هڪ سندس پياري پنهنجن آلين اکين سان کيس ڀيٽا پيش ڪئي ۔