گهوٽن ۽ گهوڙن جيئڻ ٿورا ڏينهنڙا
ڪڏهن منجهه ڪوٽن ڪڏهن راهي رڻ جا
ماضي گذري وڃي ٿو، پر انمول ڪردار ۽ داستان ڇڏي وڃي ٿو. ا هي داستان ۽ ڪردار نه رڳو تاريخ ٿين ٿا بلڪه حال ۽ مستقبل لاء هڪ چٽو آئينو آهن، جنهن ۾ نه رڳو انهن املهه ڪرادرن جي تصوير چٽيل هوندي آهي ، پر اڄ جي سماج ۽ معاشري لاء هڪ روشن راهه آهي. مرحوم محمد سجاول خاصخيلي جو ڳوٺ سندن نالي پٺيان تعلقي فيض گنج ۾ آهي سندن جنم 1939 ع ۾ جنم ٿيو
پرائمري تعليم ڪرونڊي ۽ سيڪنڊري تعليم پڪاچانگ مان ڪئي. اڳتي هلي يونين ڪائونسل وليداد ۽ اڪري جا چئرمين رهيا. سندن ذڪر اهڙن ڀلارن ماڻهن ۾ اچي ٿو. جنهن پنهنجي حياتي انسانيت ۽ خلق خدمت ۾ ارپي ڇڏي. مرحوم پهنجي تر ۽ تڏي سان گڏوگڏ سنڌ جو وڏو نالو هيو. سندن ذات ۾ هزارين خوبيون ۽ خصلتون هيون، سندن ڪردار ۾ سدائين ٻاجهه ، پاٻوهه ۽ شفقت هوندي هئي. سندن اباڻي ڪرت زمينداري هئي. ڪڏهن ڪنهن کي ايذاء نه رسايائون سڀني سان سٺو ملندا ۽ سٺو ڳالهايندا هئا. . پاڻ پنهنجي تر جي ماڻهن جا مسئلا ۽ تڪليفون انتهائي غور ۽ فڪر سان ٻڌنڌا هئا. انهن جو حل ۽ تدارڪ پنهنجي اوطاق فرض ۾ شامل هيو. خاصخيلي قبيلي تي اڪلائيندا هئا.
انسانيت جو قدر ڪرڻ سندن فرض ۾ شامل هيو. خاصخيلي قبيلي سان سندن عشق هوندو هيو. قبيلي جي خدمتن کي ڪڏهن به فراموش نه ٿو ڪري سگھجي. شروع ۾ خاصخيلي جماعت کي منظم ڪرڻ لاء تاريخي ماڻهن غلام رسول خاصخيلي، غلام قادر خاصخيلي، سرائي جان محمد خاصخيلي، سرائي نادر علي خاصخيلي، الله بچايو خاصخيلي ۽ صوفي قربان علي خاصخيلي ۽ ٻيڻ نالي وارن سان گڏجي قبيلي لاءِ پاڻ پتوڙيائون. 1985ع ۾ صوبائي اليڪشن م به حصو ورتائون جنهن ۾ سندن اليڪشن نشان ڪهاڙي هيو. پاڻ هڪ فراخدل انسان هئا. ڪٿي به ڪا دعوت، چهري ۽ رهاڻ نه گسائيندا هئا. شادين غمين ۽ ٻين ريتن رسمن ۾ هميشه ايندا ويندا هئا. سڄي حياتي جدوجھد ۾ گذاري. سندن وفات کان پوء سڄو بار سندن فرزند محترم سرئي نياز حسين خاصخيلي جي ڪلهن تي آهي. جيڪو پنهنجي والد صاحب جي ٻاريل شمع کي روشن رکندو پيو اچي سرائي محمد سجاول 2004ع ۾ هن فاني دنيا مان رحلت ڪري ويو