راضي فقير ولد ڪرم بخش خاصخيلي 1915ع ۾ تعلقه کپرو ۾ پيدا ٿيا. راضي فقير 1921ع ۾ سندن والد پنهنجي مرشد حضرت ڪرم الله گهوٽڪي واري مدرسي ۾ داخل ڪرايو جتي غوث محمد جيلاني کان قرآن حفظ ڪيو. فقه حديث ۽ ٻيا ظاهري علم حاصل ڪيائون. ان بعد راضي فقير تعلقه اوٻاڙي جي ڳوٺ شهباز پور ۾ رهيا. پاڻ سترنهن سالن جي عمر ۾ طريقت جا سڀ رستا طئي ڪري جهنگ منهن وڃي مستي جي حالت ۾ سنڌ کان ٿيندا هندستان کان ڦرندا اجمير شريف تي چلا ڪڍيائون. اتان سفر ڪندا هر درگاھ تي حاضري ڏيندا اتان لاهور ۾ علي هجويري جي درگاه تي حاضر ٿيا .
اتي پنهنجو مقصد پاتائون ۽ فرمايائون ته ( ناقص جي هن پير ڪامل سندن سوال پورو ڪيو ۽ کيس پنهنجي فيض سان مستفیض ڪري الله ڪريم جي درگاه جي دوستن ۾ شامل ڪيو ) حضرت راضي فقير خاصخيلي طريقت ۾ مرشد حضرت محمد شفيع نارو وال واري کان ورتو. پاڻ ڪافي وقت داتا جي درگاه تي گذاريو. اتان مرشد جي حڪم تي 1935ع ڌاري لاهور شهر کان ڏکڻ طرف هڪ بيابان ( چوهنگ) ۾ عبادت الاهي ۾ رهيا . جنهن کي هاڻي ( امن پور ) چون ٿا . راضي فقير خاصخيلي 1975ع ۾ جي جهان ڇڏيو. ان بعد سندن ڀاء رحمدل فقير مسند تي ويٺو. سندن مريدن ۽ دوستن مزار پرانوار تي هڪ عاليشان روضو ٺهرايو. سندن خانقاھ تي 5،6،7 ذوالحج تي وڏو صوفي ميلو لڳندو آهي
. راضي اهل دل شاعر هو سندن شاعري سنڌي، هندڪي ، اردو، پنجابي، فارسي ۽ سرائڪي ٻولي ۾ ڇپيل آهي سنڌ صوفي ڪلام کي نصرت فتح علي خان ، عابده پروين، ممتاز لاشاري، جلال چانڊيو، مانجھي فقير، وزير علي شاه ۽ بين سوين فنڪارن ڳايو آهي. سندن ڪلام ( ديوان درد عشق) 1968ع ۾ ۽ (حال عشق) جي نالي سان مجموعا ڇپيا. سندن ٻ ڪتان ( اسم ذات جسم فقير ) 1997ع ۾ فرحت الفقراء 1987 ۾ ڇپيو . سندن فرمانن جو ڪتاب ، دارلفقراء به پڻ ڇپيو آئون خالق خاصخيلي سندن هن مواد کي سندن فقيرن ۽ طالبن ۽ ڪجهه مواد سندن ڪتاب ڪليات راضي فقير مان مواد ورتو . هئنير سندس درگاهه تي سندن پوٽو گادي نشين آهي . ڪجهه سال پهريان سندن ڀاء رحمدل فقير هي جهان ڇڏي ويو. سندن مريدن ۽ طالبن جو حلقو و وسيع آهي پاڻ سچل سرمست جا عقيدتمند هئا هر سال سخي قبول محمد فاروقي اول سان سند نينھن ناتو هو.