عشق جو الستي آواز

حافظ محمد بخش خاصخيلي
تاثرات خالق خاصخيلي

سنڌ ۾ لطيف سرڪار سان عشق ڪندڙ سندس رسالي جو حافظ کاھوڙي ڪردار حافظ محمد بخش خاصخيلي ھڪ انوکي تاريخ رکندڙ شخصيت ھو. سنڌ جو وڏوقومي شاعر قومي ھو دانشور اديب ھو ۽ مرشد لطيف جي شاعري جو ڄاڻو ۽ پارکو پڻ ھيو. سندس شاعري ۾ سنڌ جي محرومين جو عڪس نظر ايندو ھو ۽ سنڌ جي حسن خوبصورتي کي به سٺي جڳھ ڏني اٿس. پاڻي تي ئي پاڻي ٿيندو ظالم توسان پاڻي ٿيندو جھڙا لازوال شعر جن جو سنڌ جي وجود سان چولي دامن جھڙو رشتو آھي ماڻھن جو توجھ حقيقي مسئلن طرف ڌيان ڇڪايائين ۽ شاه تي مقالا لکي سندس شاعري مان جدوجھد جو گس ڏسيائين منھنجي ساڻس ملاقات 1995 ۾ ٿي. ائين محبت پيار جي رشتي جڙياسين پوء نوان جتوئي جا پنڌ شروع ڪياسين جتي گدا خاصخيلي ظفر خاصخيلي جمال الدين مومن ۽ ٻين پرين پيارن سان محبتن چاھتن جو سفر شروع ٿيو. حافظ سنڌ جو عاشق ھو جيڪو ورچي ڪڏھن نه ويٺو ڄام ساقي جي ريتي کان وٺي لانگ مارچ ۾ سنڌ جي ماڻھن کي سجاڳي جا ڏس ڏيندو آيو کيس ھالا شاه عنايت لائبرري ۾ مشاعرن ۽شاه شناسي جي پروگرامن ۾ شرڪت ڪرائي حافظ رمتو جوڳي ھو جيڪو سنڌ جي ڏکن جي بين وڄائي لطيف جو ڪينرو ڳائي  اڙيجن کي سجاڳ ڪرڻ لاء جاکوڙ جدوجھد ۾ رڌل رھيو ڀٽائي سرڪار جي بتن جي تشريح لاء جيڪي ماڳ مڪان شاه ڳايا آھن انھن جي تحقيق ڪرڻ لاء انھن ماڳن مڪانن جو مشاھدو ڪيائين.

حافظ سچ گو انسان ھو جيڪو لالچ لوڀ کان پاسيرو ھو سندس عشق اتاھون ھو اڄ ان سدا حيات شخصيت جي ورسي آھي جيڪو سنڌ ۽ سنڌي قوم جو ڌنار ھو. موھن جي دڙي جو ماڻھو ھي جديد ۽ قديم سنڌ جو سنگم ھو، اجرو انسان قدآور مڙس سڃاڻپ ۾ پري کان پڌرو ڄڻ موھن جي دڙي جو دراوڙ سائين حافظ محمد بخش خاصخيلي، جنھن وٽ سنڌ سان عاشقي جا پنھنجا رنگ ۽ ڍنگ ھئا. اسٽيج ۽ ڪچھرين جو بادشاھ .. گجندڙ آواز ۾ جڏھن اچي چوندو هو. “ڏيھ سڄو ڏاٽا، ڪري جي آيا” تڏھن ڄڻ سڄي سنڌ جاڳي پوندي هئي. سائين حافظ جي شاعري ۽ سندس پڙھڻ جو انداز “ون يونٽ ٽوڙڻ” واري ھلچل توڙي قومي جدوجھد کي اتساھ ڏيندي رهي. ھن جي لوڪ عوامي شاعري ماڻھن ۾ ولولو پيدا ڪندي ھئي. “ھڪڙو يونٽ جلدي ڊاھ، جھڙا انقلابي گيت ڏيندڙ سائين حافظ سنڌ جو اھو واحد شاعر ھو، جنھن کي “باباء سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي” “عوامي شاعر” جو لقب ڏنو. سائين حافظ سگھڙ ادب ۾ بہ وڏي نواڻ آندي، سگھڙن کي رجعت رستي ۽ مذهبي بنياد پرستي مان ٻاهر ڪڍيو پاڻيء تي ئي پاڻي ٿيندو.” ۽ ٻيا طويل مزاحمتي نظم ڏيندڙ سائين حافظ سنڌ جي عشق ۾ جيل ياترا بہ ڪئي. سائين حافظ سنڌ سان محبت ڪندڙ انسان ھو. سنڌ لاءِ ھر سڏ ۾ سڏ ڏيندو، ھن وٽ اول آخر سنڌ ھئي .. سنڌ جو ھي کاھوڙي ڪردار ھڪ ئي وقت اديب، شاعر، سگھڙ، ڀٽائي جو شارح ۽  ٻولي جو جو وڏو ڄاڻو ھو، ھۡو سنڌ جي ھڪ گھمندڙ ڦرندڙ لائبرري ھو ۽ سائين حافظ جڏھن نوان جتوئي جي صندلن تي سگھڙن، دوستن ۽ ڪامريڊن سان گڏ ڪانڀون ٻڌي سنڌ جي لوڪ داستانن، عشق، محبت ۽ سنڌ  جي  ڏکن  سورن  تي  ويھي ڪلاڪن جا ڪلاڪ گفتگو ڪندو تڏھن نوجوان وڏو اتساھ وٺندا ھئا سائين حافظ  علائقي  ۾  ٿيندڙ محفلن،  ڪچھرين  پروگرامن  ۾ قومي شعور ڏنو سائين حافظ سنڌ جو اھو عاشق، سيلاني ۽ سونھون ھو جنھن ڀٽائي ۽ سائين جي ايم سيد جي ڏسيل گسن ۽ پيچرن کي منزل بڻائي آزاديء جا سبق ڏنا. ان وقت ھن خطي جا نوجوان سندس چيچ ۾ ھٿ وجھي ھلڻ سکياسين. اھو يقين سان چئي سگھجي ٿو تہ اسان جي ھن خطي ۾ موجود قومي شعور جي پکيڙ ۾ سائين حافظ جو بہ وڏو حصو پتي آھي. سائين حافظ جي وڇوڙي کان پوء “سگھڙ ادب” ۾ سندس اھا کوٽ اڄ تائين ڪير بہ ڀري نہ سگھيو آھي.