حيدرآباد جو ليجنڊ آرٽسٽ

گل حسن خاصخيلي
خالق خاصخيلي خيرپور ميرس

 گل حسن خاصخيلي ولد محمد يعقوب خاصخيلي 1948ع ۾ مٽياري شهر جي سيد سعدالله شاه جي حويلي ڀرسان پيدا ٿيو. پاڻ پرائمري تعليم الله داد چنڊ ڳوٺ حيدرآباد ۾ ۽ فائنل جوامتحان جامع عربيه اسڪول تلڪ ڇاڙي حيدرآباد مان حاصل ڪيائين. آرٽ جو شوق کيس راحت سينيما ۾ فلمن جا پوسٽر ڏسڻ سان ٿيو. ان شوق ۾ پاڻ ٽڪي جي ڊبل روٽي ۽ ٽڪي جي پڪوڙن وڪڻڻ کان پوء ٽڪيٽ جا پيسا گڏ ڪري فلمون به ڏسندو رهيو. 1968ع  ۾ ڪنٽومنٽ ڪاليج  ۾ ٿيل اسٽيج ڊرامه فيستيول ۾ ساوڻ کان راڄو کيس اسٽيج ڊرامي بيوقوف نوڪر ۾ کيس ڪردار ڏنو جيڪو هن خوب نڀايو

سندس ڪمرشل ڊرامو ڇورن مٿان مور سندس فني استاد عبدالحق ابڙي صاحب 1971ع جي ڊائريڪشن ۾ ليڊيز ڪلب حيدرآباد پيش ٿيو. استاد عبدالحق ابڙي جو لکيل تاريخي ڊرامو ڪنجوس جيڪو پنجن زبانن ۾ پيش ٿيو جنهن جو مرڪزي ڪردار پنجن ٻولين ۾ گل حسن خاصخيلي نبايو. سنڌي ۾ ڪنجوس، پنجابي ۾ سب تون سونهڻيا، اردو ۾ دولت کي ليئي، گجراتي ۾ تم ني خبر نٿي، انگريزي ۾ دي گرل جي نالي سان پيش ڪيو ويو هو

پاڻ 700 کان  وڌيڪ اسٽيج ڊرامن ۾ ڪم جن جا ڊائريڪٽر ، ساوڻ خان راڄو، عبدالحق ابڙو صاحب، اشرف بلوڇ، اسلم راهي، عيسي يوسف، استاد نادر بلوڇ، سليم گڊو، رفيق عساڻي، غلام نبي راهي،خالد ڪليار، شهزادو گلفام، يونس سنائي، انور شيخ، زيب نظاماڻي، وحيد ڌماڪو، الطاف سومري، شبيرگرامي، سائين نثار حسيني، ياسين ڇن ، منظور دانش  ۽  ٻين ڊائريڪٽرن سان  گڏ ڪم ڪيائين. پاڻ سنڌي البيلي 1973ع ۾ ڪم ڪيائين.  ٻي سنڌي فلم سنڌڙي تان صدقي 1975ع ۾ ڪم ڪيائين اردو فلم شب غم ۾ وحيد مراد سان گڏ ڪم ڪيائين پر اها فلم مڪمل نه ٿي سگهي.  ريڊيو تي انور بلوڇ صاحب جي ڊرامي سان 1976ع  ۾  شروعات ڪيائين ۽ 80کان  وڌيڪ ريڊيو ڊراما ڪيائين.  پي ٽي وي تي کيس عبدالڪريم بلوڇ صاحب کيس وٺي آيو جتي هن پنجن ڊرامن ۾ ڪم ڪيائين. ان کان علاوه سنڌي سيٽ لائت چئنلن تي ڪافي ڊراما ڪري چڪو آهي. پاڻ مختلف ادارن پاران کيس پنجاه کان وڌيڪ. ايوارڊ ملي چڪا آهن