سائين جمال الدين مومن خاصخيلي

سائين جمال الدين مومن خاصخيلي
تاثرات خالق خاصخيلي

ھڪ  آدرشي  انسان  جمال  الدين مومن سنڌ سطح جو وڏو ماڻھو هو۔ ھي لڄپال ۽ جاکوڙي انسان  ٻين جي درد کي پنھنجو درد سمجھندو ھو۔ سائين جمال الدين مومن 1932ع ۾ نوان جتوئي ڀرسان ڳوٺ سائين بخش خاصخيلي ۾ ھوت خان خاصخيلي جي گھر ۾ جنم ورتو پرائمري  تعليم  نوان  جتوئي اسڪول  مان  حاصل  ڪرڻ  بعد 1947ع ۾ پير جھنڊي جي مدرسي مان اديب سنڌي، اديب عالم، اديب فاضل ڪيو مئٽرڪ، انٽر ۽ بي اي پاس ڪري گريجوئيٽ بڻيا 1948ع ۾ نواب شاھ ضلعي جي سيد خير شاھ  اسڪول  ۾  پرائمري استاد مقرر  ٿيا۔  ان  کان  پوء مختلف اسڪولن پڪاچانگ، ڀنگو بھڻ، ڪنڊيارو، ٽريننگ اسڪول مٺياڻي، سڪرنڊ، ڏيپارجا، نوان جتوئي ۽ نواب شاھ ۾ استاد ۽ ھيڊ ٽيچر رھيا۔ مورو ۽ سڪرنڊ ۾ سپروائيزر پڻ رھيو، 1971ع تائين بي ايڊ ۽ ايم ايڊ جون ڊگريون حاصل ڪيون، 1982ع ۾ سپروائيزر جي عھدي تان رٽائرڊ ٿيا.

سائين جمال الدين مومن ھڪ محنتي ۽ جاکوڙي انسان ھو ھن ۾ ڪم ڪرڻ جو ڪنھن نوجوان کان وڌيڪ جذبو ۽ عشق شامل ھو، ھۡو ھڪ شفيق ۽ ٻاجھارو انسان ۽ غريبن جو دوست ھو، غريب شاگردن جون فيون ذات پات کان ھٽي ڪري پاڻ ڀريندو ھو، پنھنجي مقصد سان ڪميٽيڊ ماڻھو ھو

ھن کي پنھنجي منزل آڏو ايندڙ رڪاوٽن جي پرواھ نه ھوندي ھئي. سائين مومن بنيادي طور استاد ھو ۽ ھڪ بھترين استاد جي حيثيت ۾ پنھنجن شاگردن کي سٺا استاد ٿيڻ ۽ سٺا شاگرد پيدا ڪرڻ جي تلقين ڪندو رھندو ھو. نياڻين جي تعليم لاء ماڻھن کي ھمٿائيندو ھو

ھڪ جاکوڙي ڪردار واري حيثيت ۾ ڏٺو ۔۔ سائين مومن مختلف موضوعن تي 25 کان مٿي ڪتاب لکيا ۽ ڇپرايا جن ۾ سورائتي سنڌ، سنڌ جا اولياءَ صوفي ساڃاھ صابر جو ڪلام، اسلامي سوغات، ساھتي جا سرواڻ، دادو ضلعي جا اولياء، ساھتي جا استاد ۽ ٻيا ڪتاب شامل آھن ۔۔۔ جيڪي سائين “مومن پبليڪيشن” پاران ڇپائي پڌرا ڪيا ۔۔۔ سائين جمال الدين مومن پوري زندگي سنڌي ٻولي، پنھنجي ڌرتي، ۽ علم ادب جي خدمت ڪندي گذاري ھو ڀٽائي جي اھا سٽ بنيل ھو  تہ ۔۔ “کرڪڻا لاھي سک م ستا ڪڏھين”۔

گھڻ طرفي شخصيت سائين مومن، راڄائتو ماڻھو ھو مختلف برادين جا ننڍا وڏا فيصلا ميرٽ جي بنياد تي ڪندو ھو. سندس اوطاق تي ھر وقت يارن دوستن مٽن مائٽن جون محفلون متل ھونديون ھيون. سائين کي ڪنھن بہ ھڪ روپ ۾ ماپي نہ ٿو سگھجي ۔۔۔ جيڪو مئخانن ۾ ويھي صوفياڻيون محفلون ٻڌي ۽ مسجدن ۾ خطبا ڏيئي، واقعي بہ مومن ھو، اھڙا ڪردار ڪڏھن بہ ناھن مرندا .. “ھونئن بہ موت جسم کي ايندو آھي، ڪردار کي نه”۔ سائين مومن بہ ھڪ اھڙو آدرشي ڪردار ھو، جنھن روشنين جا سوين ديپ ٻاريا.