محسن علي خاصخيلي 1946ع ۾ تعلقه ننگرپارڪر۾ سانوڻ خان خاصخيلي جي گهر۾ اک کولي پرائمري تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪري وڌيڪ تعليم لا۽ سانگهڙ آيا۔1964ع ۾ مئٽرڪ ڪئي ۔انبعد ستت ئي استادٿيا۔قومي مهم ۾ پهرين ڪچھري 1965ع ۾ عبدالله خاصخيلي سان ٿيس۔ قومي سفراتان شروع ڪرڻ بعد جيمس آباد۾ 1976ع تمام وڏو اجلاس غلام رسول خاصخيلي جي صدارت ۾ ٿيو۔ جنهن ۾ جمال الدين مومن۔ صوفي قربان علي۔ محمدابراهيم سجاول خان۔ الهبچايو اميد خاصخيلي ۽ ٻيا ان ۾ شريڪ ٿيا۔ استاد محسن علي پنهنجو تخلص ملڪ رکيو۔ 1977ع ۾ ڪتاب {تاريخ گلشن خاصخيلي}لکي وڏي مقبوليت ماڻيائين۔ سندن ساٿ ۾ ان دورجا ڏاها قربان علي قربان الهبچايو اميد محمد يعقوب شاد ۽ جمال الدين جهڙا مدبر سنڌن دوست بنيا۔ استاد محسن علي سان منهنجي قرابت ويهن سالن کان هلي پئي۔ ڪئي دفعا منهجي ڳوٺ ٺري ميرواه به آيا آھن. آئون به سنڌن ڳوٺ ويوآھيان۔ مون کان ڪتابن جي مٽاساسائين جي هلندي آھي۔ پاڻ تاريخ ۽ تحقيق جي جي چڪر ۾ اديب اياز ڀاڳت ۽ نبي بخش بلوچ سان ٽڪر کاڌا آھن۔ استاد محسن علي محسن خاصخيلي قومي قافلن ۾ شاه بندر کان ڪشمور تائين ۽ اتان پنجاب جي ڪافي علائقن ۾ خاصخيلين سان ملاقاتون ڪري قوم جوپيغام پهچايو۔
سنڌن ڪتاب 1 تاريخ خاصخيلي 2 تاريخ اقوام عالم 3 انساب عالم 4 بلوچ قبائل ترجمو5 ڪتاب الخيل 6 مارئي تحقيق 7 ۽ ڪيترائي قلمي صورت ۾ سنڌن لائبرري ۾ موجودآھن۔ پاڻ ھئنرزندگي جا سترڏهاڪا گزاري چڪوآھن سنڌن زندگي فالج سبب مفلوج آھي منهنجي ڪجه مهينا اڳم 22 سيپٽمبر تي دفاع پاڪستان ريلي ۾ ساڻس ملاقات ٿئي هئيس سرائي صاحب جڏهن گلن جا هار پارياس ته مون ڏٺو ته سندن اکين ۾ لڙڪ تري آيس جڻ سنڌجي تاريخ روئي پئي هئي مون وڌي سندن قدم بوسي ڪئي۔ اڄ يوم تاسيس تي پاڪستان خاصخيلي اتحاد پاران سنڌ ن مڃتا ايوارڊ ڏنو پيو وڃي۔ هي سنڌ جوڏاهو اديب اڄ به قوم لا۽ اونو رکي ٿو۔ هن سنڌ جي اديب جي ڪلچر ڊپارمينٽ کي سارلهڻ کپي ته ڏهن ڪتابن جو مصنف هاڻ ڪسمپرسي واري زندگي گزاري پيو۔ پاڻ تاريخ ۽ تحقيق جوهڪ جئروجاڳندو باب آھي. سنڌن قلمي ۽ پراڻي لائبرري به هاڻ خاموش آھي۔ ڇوته سندن زندگي بيمارين ۾ گهريل آھي پاڻ آل پاڪستان خاصخيلي جماعت جيبانيڪارن ۾ آھي محسن زندگي جا پنجاه سال قبيلي کي ارپيا آھن۔ هنئرخاموش ڪوٽ غلام محمد جي خاصخيلي محلي ۾ پنهنجي زندگي بسرڪري رهيوآھي. تاريخ خاصخيلي لکڻ تي شهيد عثمان غني سعيد غني جي پي ان وقت روڪ رقم ۽ شيلڊ ڏني هئس۔ شاه عبدالطيف هن مهمان ماڻھو لاءِ ٽي سوسال اڳم چيوهوته. هٿ ڏڪن پيرڏڪن جهلي نه سگهان پاڻ سنج ته اهي ئي ساڻ۔ پرجوڀن ري جڏاٿيا۔